ڊجيٽل آدم شماري سنڌ جي حقن کي کسڻ جي سازش آھي:عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ_ر)ڊجيٽل آدمشماري سنڌ جي وجود مٿان وار آھي. لکين غير قانوني، افغاني ۽ ٻيا غير ملڪي سنڌ مٿان مسلط ڪيا ويا آھن. ڊجيٽل آدم شماري سنڌ جي حق حڪمراني ۽ اختيار کسڻ جي سازش آھي. ڊجيٽل آدم شماري ذريعي سنڌين جي آبادي گھٽ ڏيکارڻ جي منصوبابندي جوڙي وئي آھي. سنڌي عوام ڊجيٽل آدم شماري رد ڪرائڻ تائين جدوجھد جاري رکندو. اھڙن خيالن جو اظھار عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، سوشل ميڊيا سيڪريٽري اظھار دائودپوٽي، رابطا سيڪريٽري سرواڻ جتوئي، عبدالقادر رانٽي، حسنا راھوجو ۽ اياز کوسي پنھنجي گڏيل جاري ڪيل پريس بيان ۾ ڪيو آھي. اڳواڻن چيو تہ ڊجيٽل آدم شماري ذريعي ھڪ سوچيل سمجھيل منصوبابندي تحت سنڌين جي آبادي گھٽ ڏيکارڻ جي سازش ٿي رھي آھي. ايم ڪيو ايم جھڙي دھشتگرد ۽ لساني جماعت جي فرمائش تي ٿيندڙ آدم شماري سنڌ جي وجود مٿان وار آھي. اڳواڻن وڌيڪ چيو تہ ٻوڏ کي 9 مھينا گذري چڪا آھن پر سنڌ سرڪار ٻوڏ متاثرن کي ھن وقت تائين گھر بہ ٺھرائي نہ ڏنا آھن. ماڻھو بنا اجھي جي خالي آسمان ھيٺ ستل آھن. سنڌ جا لکين گھر ٻوڏ سبب ڊھي چڪا آھن. ڪروڙين ماڻھو دربدر ٿيا آھن. اسين مطالبو ٿا ڪريون تہ غير آئيني آدم شماري جو عمل روڪي ٻوڏ متاثرن کي گھر ٺھرائي ڏنا وڃن. سنڌ ۾ آباد افغانين سميت سمورن غير ملڪين کي نيڪالي ڏني وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو