ڊجيٽل آدمشماري ايم ڪيو ايم جي فرمائش آهي، جروار

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، عمراھ سمون، نور نبي پليجو ۽ ھميرو مل پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته ڊجيٽل آدمشماري ذريعي ايم ڪيو ايم جي خواهشن مطابق سنڌ جي ڊيموگرافي تبديل ڪئي پئي وڃي. وقت کان اڳ غيرقانوني طور ٿيندڙ ڊجيٽل آدمشماري ذريعي من گهڙت نتيجا جاري ڪري سنڌين کي اڪثريت مان اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش سٽي وئي آهي. سنڌ مٿان گهڻ طرفو حملو ڪيو ويو آهي، هڪڙي پاسي سنڌ جو پاڻي بند ڪري، سنڌ جي زراعت تباه ڪري سنڌين کي اڃ ۽ بک وگهي ماريو پيو وڃي ته ٻئي طرف وري ڊجيٽل آدمشماري ذريعي سنڌين کان حق حاڪميت ڦري سنڌ کي ٻه اڌ ڪري سنڌ ۾ نئون اسرائيل ٺاهيو پيو وڃي. اڳواڻن چيو ته بين الاقوامي پاڻي ماهر خبردار ڪري رهيا آهن ته ايندڙ وقت ۾ سنڌو درياء ۾ پاڻي جي سخت کوٽ ٿيندي، باقي هن وقت گليشيئرز تيزيء سان ڳرڻ سبب سنڌو درياءَ جي نظام ۾ پاڻي وڏي مقدار ۾ موجود آهي پر سنڌ ۾ هن وقت ئي پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي. جڏهن ملڪ ۾ ٻوڏ اچي پئي ته پنجاب جا ٻوڏن لاءِ ٺاهيل لنڪ ڪينال تونسا_ پنجند ۽ چشما_جهلم بند ڪري سنڌ ۾ ٻوڏن جي شديد تباهي آندي پئي وڃي وري جڏهن هن وقت پاڻي جي کوٽ آهي ته مٿي ڄاڻايل ٻنهي لنڪ ڪينالن جا منهن کوليا ويا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو