ڊاڪٽر معيد يوسف معاون خصوصي قومي سلامتي مقرر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان ڊاڪٽر معيد يوسف کي پنهنجو معاون خصوصي براءِ قومي سلامتي ڊويزن ۽ اسٽريٽجڪ پاليسي پلاننگ مقرر ڪري ڇڏيو. ڪابينا ڊويزن کان جاري ٿيل نوٽيفڪيشن مطابق ڊاڪٽر معيد يوسف کي مملڪتي وزير جو درجو حاصل هوندو. واضح رهي ته ڊاڪٽر معيد يوسف واشنگٽن ۾ يو ايس انسٽيٽيوٽ آف پيس جي ايشيا سينٽر جي ايسوسيئيٽ جو نائب صدر آهي. ان کي هلندڙ سال جي سيپٽمبر ۾ قومي سلامتي ڊويزن جي ماتحت ڪم ڪندڙ اسٽريٽجڪ پاليسي پلاننگ سيل جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو هو. ڪتاب بروڪرنگ پيس ان نيوڪليئر انوائرنمينٽس يو ايس ڪرائسز مينيجمينٽ ان سائوٿ ايشيا جي مصنف ڊاڪٽر معيد يوسف بوسٽن يونيورسٽي، جارج واشنگٽن يونيورسٽي ۽ اسلام آباد جي قائد اعظم يونيورسٽي ۾ بطور استاد فرائض به انجام ڏنا آهن. جڏهن ته  روزنامه ڊان اخبار ۾ ڪالم به لکندو آهي. ڊاڪٽر سعيد يوسف بين الاقوامي تعلقات ۾ ماسٽرز ۽ بوسٽن يونيورسٽي کان پوليٽيڪل سائنس ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو