ڊاڪٽر عاصم کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) احتساب عدالت ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين جي خلاف 17 ارب روپين جي ڪرپشن ڪيس ۾ ڊاڪٽر عاصم کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. ڪراچي جي احتساب عدالت جي آڏو 17 ارب روپين جي ڪرپشن ريفرنس ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ۽ ريفرنس واپس نيب ڏانهن اماڻڻ بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي. ڊاڪٽر عاصم حسين جي وڪيل اويس جمال ايڊووڪيٽ موقف ڏنو ته علاج جي لاءِ پرڏيهه وڃڻو آهي. ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي. عدالت ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين جي خلاف ريفرنس واپس نيب ڏانهن اماڻڻ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. عدالت ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته 17 ارب روپين جي ڪرپشن بابت ريفرنس واپس نيب ڏانهن اماڻڻ جي درخواست تي فيصلو 15 فيبروري تي ٻڌايو ويندو. جنهن کان پوءِ عدالت ڊاڪٽر عاصم کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. ڊاڪٽر عاصم 15 فيبروري کان 30 مارچ تائين پرڏيهه وڃڻ جي درخواست داخل ڪئي هئي.نيب موجب جوابدارن تي گيس جي ٺيڪن جي مد ۾ قومي ناڻي کي 17 ارب روپين جو نقصان پهچائڻ جو الزام آهي. جوابدارن جي خلاف نيب طرفان 2016 ۾ ريفرنس داخل ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو