ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊاڪٽر عاصم حسين خلاف ڪرپشن ريفرنس واپس چيئرمين نيب ڏانهن موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.جسٽس ڪي ڪي آغا جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ سپريم ڪورٽ ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ ٻين خلاف 17 ارب رپين جي ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي ڪندي فيصلو ٻڌايو.سنڌ هاءِ ڪورٽ احتساب عدالت جي اختيارن بابت ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ ٻين جي درخواست منظور ڪري ورتي.عدالت ۾ ڊاڪٽر عاصم جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ ايڊووڪيٽ موقف اختيار ڪيو ته ڊاڪٽر عاصم کي پنهنجي پسند جي ڪمپنين کي گيس ڏيڻ جو وزير قرار ڏنو ويو آهي.وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ دليل ڏيندي چيو ته نئين قانون کانپوءِ هي ريفرنس احتساب عدالت جي دائري ۾ ناهي رهيو.جسٽس ڪي ڪي آغا چيو ته هاڻي نئين ترميم آئي آهي، قانون سازي پارليامينٽ جو حق آهي.فاروق ايڇ نائيڪ ايڊووڪيٽ چيو ته 17 ارب رپين جي ڪرپشن جو جي جي وي ايل ريفرنس قانون جي خلاف آهي.
