ڊاڪٽر حضوران شيخ ڊائريڪٽر ٽي بي ڪنٽرول مقرر

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) صحت جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو جي سفارش تي سنڌ سرڪار صوبي ۾  ٽي بي ڪنٽرول پروگرام لاء ڊاڪٽر حضوران شيخ کي ڊائريڪٽر سنڌ مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آھي. ان کان اڳ صوبائي وزير صحت نئين ڊائريڪٽر کي ٽي بي خلاف خصوصي هدايتون پڻ ڏنيون. ان موقعي تي کاتي جا اعلي آفيسر پڻ موجود هيا. ياد رهي ته اهو عهدو گذريل ڊائريڪٽر جي رٽائر ٿيڻ سبب خالي ٿيڻو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو