ڊاڪٽرن ۽ ڪامورن بعد پوليس آفيسرن جون به بدليون ۽ مقرريون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ڊاڪٽرن ۽ ڪامورن کانپوءِ پوليس ۾ به ڪجهه آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن. آءِ جي سنڌ ڪليم امام جي منظوري سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل امجد احمد شيخ کي ايس ايس پي اينٽي ڪار لفٽنگ سيل ڪراچي ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، جِتان منظور علي کي بدلي ڪري اسسٽنٽ انسپيڪٽر جنرل سينٽرلائيزڊ ڪمپلينٽ سيل مقرر ڪيو ويو. ان کانسواءِ عديل حسين چانڊيو کي آءِ جي سنڌ جو پرسنل اسٽاف آفيسر مقرر ڪيو ويو، جتان سيد سلمان حسين کي بدلي ڪري ايس پي سيڪيورٽي 2 ڪراچي رينج مقرر ڪيو ويو، جتان وري شبير احمد بلوچ کي بدلي ڪري ايس پي هيڊڪوارٽرز گارڊن ڏکڻ زون ڪراچي مقرر ڪيو ويو. لطيف احمد صديقي کي بدلي ڪري ايس پي سنڌ ريزروَ پوليس بيس 2 ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڊي ايس پي شهدادڪوٽ منظور حسين کوسو جون خدمتون اي آءِ جي حيدرآباد حوالي ڪيون ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو