ڊاڪٽرن جو پيرسن عورت کي اسپتال ۾ داخل ڪرڻ کان انڪار

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) اتر سنڌ جي سڀ کان وڏي چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال جي شعبه حادثات جي ڊاڪٽرن انسانيت جا سڀئي ليڪا لتاڙي ڇڏيا، جڏهن ته علاج لاءِ اسپتال ايندڙ بيمار پيرسن عورت کي داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پيرسن عورت ڪيترائي ڪلاڪ شعبه حادثات اڳيان پٽ تي تڙپندي رهي پر ڪنهن ڊاڪٽر کي سندس جي حال تي رحم نه آيو. ان موقعي تي رتوديرو جي رهواسڻ پيرسن عورت مسمات سومر خاتون لاشاري صحافين آڏو دانهيندي چيو ته گذريل ڪيتري ئي وقت کان مون کي بخار آهي ڪافي علاج ڪرائڻ کان پوءِ به طبيعت ۾ سڌارو نه اچي سگهيو آهي، جڏهن ته رتوديرو جي ڊاڪٽرن مون کي لاڙڪاڻي مان علاج ڪرائڻ لاءِ چيو، جنهن کان پوءِ مان شعبه حادثات ۾ علاج ڪرائڻ لاءِ آيس ته هتان جي ڊاڪٽرن مون کي اسپتال ۾ داخل ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو ته بيڊ خالي نه آهي، جنهن سبب مان ٻاهر روڊ تي پئي آهيان. هن چيو ته مان سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتي جي اعليٰ عملدارن کي اپيل ٿي ڪريان ته هن معاملي جو نوٽيس وٺي سي ايم سي جي شعبه حادثات جي ڊاڪٽرن کان سخت پڇاڻو ڪري منهنجو علاج ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.  

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو