ڊالر 278 رپيا 20 پئسا، ايڪسچينج 73 ھزار جي حد پار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات تي آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ 4 پئسا گهٽتائي ٿي آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 4 پئسا سستو ٿيڻ بعد 278 رپيا 20 پئسا ٿي ويو. ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 24 پئسا تي هو.ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ مثبت ڪاروبار جو رجحان ڏٺو پيو وڃي، جتي انڊيڪس اڄ 73 هزار کان مٿي ٿي ويو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 293 پوائنٽن جي واڌ سان 73 هزار 57 تي پهچي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انڊيڪس 72 هزار 764 پوائنٽس تي بند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو