ڊالر ڪالهه سستو ٿيو ، اڄ وري ٻيهرن مهانگو ٿي ويو

ڊالر ڪالهه سستو ٿيو ، اڄ وري ٻيهرن مهانگو ٿي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ملڪ ۾ آمريڪي ڊالر جي قيمت عدم استحڪام جو شڪار آهي، جيڪا هڪ ڏينهن مهانگي ۽ اوچتو سستي ٿي ويندي آهي.ڪالهه ڪجهه پئسن جي گهٽتائي کانپوءِ اڄ صبح ڪاروبار جي شروعات تي ڊالر هڪ ڀيرو ٻيهر مهانگو ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 9 پئسا مهانگو ٿي 221 رپيا 75 پئسا ٿي ويو آهي.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 221 رپيا 66 پئسا تي بند ٿيو.
اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هڪ مثبت شروعات
ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ صبح جو ڪاروبار مثبت انداز ۾ شروع ٿيو آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 105 پوائنٽس وڌي 42152 تي پهچي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو