ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڊائريڪٽر جنرل (پبلڪ رليشنز) سنڌ سوائي خان ڇلگري اڄ سنڌ جي اطلاعات کاتي (هيڊ ڪوارٽرز ڪراچي) جي مختلف ڊائريڪٽوريٽس جو تفصيلي دورو ڪيو. ان موقعي تي آفيسرن ۽ عملي کي ڪم ڪندي ڏٺو ۽ آفيسن جي حالت جو جائزو ورتو ۽ هدايتون ڏنيون ته کاتي جي مختلف ڊائريڪٽوريٽس ۾ جڳهه جي گهٽتائي کي مناسب طريقي سان پورو ڪرڻ لاءِ پراڻو ريڪارڊ ۽ سامان کي مناسب طريقي سان رکيو وڃي ۽ جتي به مرمت جي ضرورت آهي ته ان لاءِ لکت ۾ لکي ڏين ته ضروري مرمت جو ڪم ڪرائي سگهجي ته جيئن آفيسن جي جڳهه کي وڌائڻ ممڪن ٿي سگهي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر فلمز رياض ميمڻ، ڊائريڪٽر پريس حزب الله ميمڻ، ڊائريڪٽر پريس انفارميشن حسن اصغر نقوي، ڊائريڪٽر پبليڪيشن منصور راجپوت ۽ ٻيا آفيسر ڊي جي پي آر سان گڏ هئا. ڊائريڪٽر جنرل (پي آر) سوائي خان ڇلگري ڊائريڪٽوريٽ آف فلمز، ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊورٽائيزمينٽ، ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊمن اينڊ اڪائونٽس، ڊائريڪٽوريٽ آف پريس، ڊائريڪٽوريٽ آف ريفرنس اينڊ ريسرچ، ڊائريڪٽوريٽ آف پريس انفارميشن، ڊائريڪٽوريٽ آف پبليڪيشن، سيڪشن آفيسرن جي آفيسن جو دورو پڻ ڪيو ويو ۽ ضروري هدايتون ڏنيون جنهن بعد هن سيڪريٽري اطلاعات سنڌ نديم الرحمٰن ميمڻ کي پنهنجي دوري بابت آگاهه ڪيو ۽ آفيسن جي ضروري بحالي ۽ مرمت لاءِ سيڪريٽري اطلاعات کان تعاون جي درخواست ڪئي، جنهن تي سيڪريٽري اطلاعات سنڌ نديم الرحمٰن ميمڻ ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي سيڪريٽري، چيف انجنيئر ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن سان فوري طور تي رابطو ڪري صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ انجنيئرن کي موڪلڻ ۽ وڌيڪ ضروري پيش رفت لاءِ ڳالهه ٻولهه ٿي. ڊي جي (پي آر) سوائي خان ڇلگري سيڪريٽري اطلاعات جي سهڪار تي ان جو شڪريه ادا ڪيو.
