ڇوٽو گينگ : 20 جوابدارن کي 18 ڀيرا موت جي سزا

ملتان (م ڊ) ملتان جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پنجاب جي خطرناڪ ۽ بدنام ڏوهارين تي مشتمل ڇوٽو گينگ خلاف ڪيس ۾ فيصلو جاري ڪندي غلام رسول عرف ڇوٽو سندس ڀاءُ پياري سوڌو 20 جوابدارن کي 18-18 ڀيرا موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. جڏهن ته 18 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻن جوابدارن کي 19-19 ڀيرا عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. عدالت طرفان ڇوٽو گينگ، سيکاڻي گينگ، اندر گينگ ۽ چگواڻي گينگ سان واسطو رکندڙ جوابدارن کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سزا ٻڌائي آهي. هن خطرناڪ گينگ جي ملزمن تي پنجاب حڪومت لکين روپيه انعام رکيو هو. هي گينگ قتل،اغوا، ڦرلٽ، پوليس مقابلن ۽ اهلڪارن کي قتل ڪرڻ ۾ به ملوث رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو