ڇهن مهينن ۾ لُٽيل 10 ارب قومي خزاني ۾ جمع ڪرايا

سکر(امداد علي ڪلوڙ) نيب سکر ڇهن مهينن ۾ 10 ارب رپيا واپس ڪرائي قومي خزاني ۾جمع ڪرايا آهن. ميڊيا سان بهتر لاڳاپن ۽ عوام ۾ ذميواري جو احساس پيدا ڪرڻ لاءِ هر خميس تي کليل ڪچهري لڳائي ويندي. اهڙو اظهار نيب سکر جي ڊائريڪٽر اويئرنيس محمد فهيم قريشي ميڊيا ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته تهذيب ۽ اخلاقيات جي دائري ۾ رهي ايندڙ نسلن کي پراميد بڻايو وڃي تڏهن ئي بهتر ۽ سجاڳ معاشري کي جوڙي سگهبو. هن چيو ته پهرئين ترجيح ملڪ هجڻ گهرجي ۽ مستقبل جي نوجوانن کي شفاف ۽ اُميدن ڀريو پاڪستان ڏنو وڃي. هن ميڊيا ۽ نيب وچ ۾ وڇوٽيون ختم ڪري ويجهو رابطو قائم ڪرڻ تي زور ڀريو . ميڊيا ڪانفرنس ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر اويئرنيس ماريه قيوم منگي سميت مختلف ميڊيا جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. نيب سکر جي ڊائريڪٽر اويئرنيس اينڊ پريوينشن محمد فهيم قريشي چيو ته ميڊيا جو عوامي سجاڳي ۽ برايون ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار آهي خبرن جي اشاعت ۽ نشر ڪرڻ ۾ تهذيب، ملڪي وقار، اخلاقيات ۽ قانونن جي پاسداري ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اُهي ئي قومون ۽ فرد تاريخ توڙي مستقبل ۾ زنده رهن ٿا جيڪي ذاتي مفادن نه پر انسانيت جي خدمت لاءِ ڪم ڪن ٿا، اهو ئي سبب آهي جو شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ قلندر شهباز اڄ تائين تاريخ ۾ امر آهن جن جو پيغام صرف ۽ صرف انسانيت آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسانکي معاشري ۾ تبديلي لفظن سان نه پر عملي طور آڻڻي آهي ۽ اميدن ڀريو پيغام ايندڙ نسلن کي سونپڻو آهي، جيڪڏهن وطن جي ڳالهه اچي ته اُن تي ڪابه سوديبازي نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ماڻهن کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ ۽ صفائي سٿرائي جي سلسلي ۾ يوسي سطح تائين دورا ڪري رهيا آهيون ته جيئن عوام کي رليف فراهم ٿي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته نيب سکر جي ڪوششن سان قمبر شهداد ڪوٽ ۾ نابين ٻارڙن لاءِ اسڪول جو افتتاح ايندڙ هفتي ٿيندو. هن چيو ته نيب سکر ڇهن مهينن ۾ 10 ارب رپيا ريڪور ڪرائي قومي خزاني ۾ جمع ڪرايا آهن. هن چيو ته هر خميس تي کليل ڪچهري ڪئي ويندي آهي جنهن ۾ ڪرپشن بابت شڪايتون درج ڪيون وينديون آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته عوامي شڪايتن جو ازالو ڪندي نيب اڪائونٽبلٽي آرڊيننس جي سيڪشن 33 سِي تحت ڪتي جي چڪ وارين ويڪسين جي کوٽ جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻي، سکر ۽ خيرپور اسپتالن جي ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽس سان پريوينٽيشن موڊ ڪانفرنس منعقد ڪري ويڪسين جي فراهمي کي يقيني بڻايو، جڏهن ته ورڪر ويلفيئر بورڊ کي رهائشي ڪالونيون الاٽمينٽ لاءِ ٽن مهينن جو وقت ڏنو ويو، اهڙي ريت سيپڪو خلاف شڪايتن تي سي اي او سيپڪو سان پريوينٽشن موڊ ڪانفرنس ڪرائيندي لوڊشيڊنگ ۽ بجلي چوري خلاف قدم کنيا ويا. هن ٻڌايو ته اينٽي ڪرپشن هفتي جي سلسلي ۾ نيب سکر پاران 10 ڊسمبر تي صبح جو نيب ريجنل آفيس کان سکر آءِ بي اي تائين آگاهي واڪ ڪئي ويندي، جنهن بعد سيمينار منعقد ٿيندو، جنهن کي ڊائريڪٽر جنرل نيب سکر مرزا محمد عرفان بيگ ۽ ٻيا خطاب ڪندا، جڏهن ته تعليمي ادارن وچ ۾ ٿيل مقابلن جي ڪامياب شاگردن ۽ شاگردياڻين کي انعام پڻ ڏنا ويندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو