ڇتي ڪُتي جو ڏاڙهيل همراهه علاج نه ٿيڻ ڪري فوت

ٽنڊو مستي (نادر علي اڄڻ) ڳوٺ وريو ڦلپوٽو جو رھواسي پورھيت 50 سالن جو نسيم احمد ڦلپوٽو کي ٽنڊو مستي خان فيض واھ اسٽاپ  تي اٽڪل 20 ڏينھن اڳ  ڇتي ڪتي ڏاڙھي  وڌو ھو ۽ گمبٽ اسپتال مان علاج ڪرايو ھو پر ٺيڪ نه سگھيو ھو ۽ وڌيڪ علاج لاءِ خيرپور سول اسپتال نيو ويو جنھن کي خيرپور سول اسپتال مان لاعلاج قرار ڏئي واپس ڪيو ويو جيڪو اڄ فوت ٿي ويو. ان واقعي کان پوءِ علائقي ۾ خوف واري صورتحال ڇائنجي وئي آھي. علائقي واسين اھڙي واقعي جو ڊي سي خيرپور ۽ اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺي ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آھي. ھوڏانھن مرحوم جي جنازه نماز ڳوٺ وريو ڦلپوٽو ۾ ادا ڪئي وئي جنازه نماز ۾ سياسي سماجي علائقي واسيٖن ۽ برادري جي ماڻھن شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو