ڇا سڄي دنيا جا سمنڊ 2048 ۾ مڇي کان خالي ٿي ويندا؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سائنسي حلقن ۾ اهو بحث هلي پيو ته ڇا 2048 ۾ دنيا جي سمنڊن مان مڇي ختم ٿي ويندي.؟ اهو سوال 2006 کان ڪنهن نه ڪنهن فورم تي بحث هيٺ آهي پر ان ۾ تيزي سيزپائريسي Seaspiracy نالي نيٽ فليڪس جي ڊاڪيو مينٽري جنهن جو پريميئر يعني پهريون عوامي ڏيک منعقد ڪيو ويو، بعد آئي آهي. هن فلم ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته جنهن پيماني تي دنيا جي سمنڊن مان مڇي مارڻ جو عمل جاري آهي، جيڪڏهن اهو برقرار رهيو ته 2048 ۾ سمنڊ مڇي کان خالي ٿي ويندا. ماهرن ان کي مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي. مڪمل خبر ڏسڻ لاءِ هن لنڪ تي ڪلڪ ڪري وڌيڪ تفصيل پڙهو.

پهنجو تبصرو موڪليو