ڇاتي جي ڪينسر بابت آگاهي سيشن، ياداشت نامن تي صحيحون

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ڊائگناسٽڪ سينٽر راولپنڊي وومينز چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي سهڪار سان بريسٽ ڪينسر بابت آگاهي سيشن منعقد ڪيو. آگاهي سيشن جو مقصد ڇاتي جي ڪينسر جي بروقت تشخيص لاءِ آگاهي کي فروغ ڏيڻ آهي. ان موقعي تي ڊاڪٽر عائشه اشفاق ڪنسلٽنٽ ريڊيالوجسٽ ۽ آئي ڊي سي جي ڪنسلٽنٽ بريسٽ سرجن ڊاڪٽر نمرہ عروج بريسٽ ڪينسر بابت سيشن جي شرڪت ڪندڙن کي قيمتي معلومات ڏني. راولپنڊي وومينز چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي شرڪت ڪندڙن آءِ ڊي سي جي ٽوٽل ليب آٽو مشن جو پڻ دورو ڪيو، جيڪا هڪ جديد ۽ بروقت تشخيصي سهولت آهي، تقريب دوران راولپنڊي وومينز چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي ميمبرن کي آءِ ڊي سي ۾ جديد تشخيصي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ٻنهي ادارن وچ ۾ مفاهمت جي هڪ ياداشت تي صحيحون پڻ ڪيون ويون. ڊاڪٽر رضوان اپل آءِ ڊي سي جي باني چيئرمين ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ۽ راولپنڊي وومين چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي قائم مقام صدر صبوحي حسين يادداشت نامي تي صحيحون ڪيون. ان موقعي تي ٻنهي تنظيمن بريسٽ ڪينسر بابت آگاهي جي فروغ لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو