چڪوال ۾ مڙس زال ۽ ٻارن کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ خودڪشي ڪري ڇڏي

چڪوال (ويب ڊيسڪ)چڪوال جي ٿاڻي جي حد مزدلفه ٽائون واري علائقي مان 6 ڄڻن جا لاش هٿ آيا.پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته شفقت سليم پنهنجي 4 ٻارن ۽ زال کي قتل ڪري خودڪشي ڪئي، فوتين ۾ سندس زال، 2 ڌيئرون ۽ 2 پٽ شامل آهن.پوليس موجب شفقت ون فائيو فون ڪري پاڻ کي گوليون هڻي خودڪشي ڪئي.شروعاتي جاچ موجب جوابدار گهريلو پريشانين کان تنگ اچي پنهنجي گهرواري کي قتل ڪري خودڪشي ڪئي.پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار آن لائين ڪاروبار ڪندو هو، جنهن ۾ نقصان پهچڻ سبب هو ذهني پريشانين ۾ مبتلا هو.

پهنجو تبصرو موڪليو