چيڪ پوسٽ حملو ڪيس، علي امين جي حفاظتي ضمانت منظور

پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور هاءِ ڪورٽ ڊي آءِ خان بينچ چيڪ پوسٽ تي حملي ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير علي امين گنڊاپور جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي.عدالت علي امين گنڊاپور جي هڪ لک رپين جي مچلڪن عيوض 8 اپريل تائين حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي.علي امين گنڊاپور کي دجال چيڪ پوسٽ تي فائرنگ ۽ ڌاڙن جي ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي.پوليس موجب علي امين گنڊاپور ڊيرا اسماعيل خان وڃي رهيو هو ته دجال چيڪ پوسٽ تي مبينا جهيڙو ٿي پيو.پوليس جو چوڻ آهي ته خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب بارڊر تي چيڪ پوسٽ تي سموريون گاڏيون داخل ٿيون آهن، چيڪ پوسٽ تي ڌماڪي کانپوءِ علي امين گنڊاپور فرار ٿي ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته علي امين گنڊاپور شراب جي نشي ۾ هو، جڏهن تيز رفتاري تي سندس ڪار روڪي وئي ته سندس پوليس اهلڪارن سان تلخ کلامي ٿي، جنهن دوران علي امين ۽ سندس ساٿين چيڪ پوسٽ تي فائرنگ پڻ ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو