چين ۾ هڪ هفتي اندر ڪورونا سبب 7 ڄڻا فوت ٿي ويا

بينجنگ (ويب ڊيسڪ)چين ۾ ڪورونا جنگ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، وائرس سبب هڪ هفتي دوران 7 ڄڻا فوت ٿي ويا.چيني طبي اختيارين موجب چين جي اسپتالن ۾ 17 کان 23 فيبروري تائين ڪورونا سبب 7 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.اختيارين موجب چين ۾ ڊسمبر کان وٺي رپورٽ ٿيل سمورا ڪورونا ڪيس اومي ڪورونا ويريئنٽ جا آهن، جڏهن ته ڪورونا جا 60 سيڪڙو ڪيس بي اي 5.2.48 ۽ 29 سيڪڙو بي ايف 7.14 رپورٽ ٿيا آهن.آفيسرن وڌيڪ ٻڌايو ته چين ۾ سڃاڻپ ٿيل ڪرونا جي XBB.1 ۽ XBB.1.5 سميت 22 مختلف قسمون پريشاني جو سبب آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو