چين ۾ بارش جي تباهي،ڊيم ٽٽي پيو، 12 ماڻهو فوت

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين جي وچولي صوبي هينان جي شهر شين زو ۾ ڪيترن ڏينهن کان لڳاتار بارش سبب ڊيم ٽٽي پيو آهي، شهر هڪ ڍنڍ جو منظر پيش ڪري رهيو آهي. شهر مان 2 لک ماڻهن کي محفوظ جاين تي منتقل ڪيو ويو آهي. صدر شي جن پنگ ريسڪيو عملي کي پاڻي ڪڍڻ جو انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. گهر ۽ دوڪان ٻڏي ويا آهن،.

روڊن تي به ڪٿي گوڏي کان مٿي ته ڪٿي چيلهه جيترو پاڻي بيٺل آهي. زندگي مفلوج ٿي وئي آهي ڪيترن ماڻهن گهرن جي ڇتين تي چڙهي جان بچائي آهي. ريسڪيو وارن موجب مختلف حادثن ۾ 12 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو