اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته چين پي ٽي آءِ کي اقتدار ۾ آڻڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي هئي چين چيو هو ته ان جو نقصان سي پيڪ ۽ پاڪستان کي ٿيندو.نجي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ احسن اقبال چيو ته پي ٽي آءِ سي پيڪ منصوبن تي بي بنياد الزام لڳايا. دعويٰ ڪئي ته مون کي ذاتي طور تي خبر آهي ته چين گذريل اسٽيبلشمينٽ کي اهو چيو هو ته پي ٽي آءِ کي اقتدار ۾ آڻڻ جو تجربو نه ڪيو وڃي ڇو ته ان سان سي پيڪ ۽ پاڪستان کي نقصان پهچندو.احسن اقبال چيو ته چين جي خدشن تي ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ چيو ته اوهان تسلي رکو جيڪو به ايندو اسان ان کي ڏسنداسين، اهو سي پيڪ منصوبو ضرور هلائيندو پر پي ٽي آءِ چيئرمين ملڪ ۾ تباهي ڪئي.ليگي اڳواڻ چيو ته ملڪ جي ترقي لاءِ پاليسين جو تسلسل تمام ضروري هوندو آهي. جيڪڏهن ميوزيڪل چيئر جاري رهي ته ڪيتريون به سٺيون پاليسيون هجن اهي ڪامياب نٿيون ٿي سگهن. پي ٽي آءِ حڪومت ۾ اچي سي پيڪ منصوبن تي ڪرپشن جا غير ذميواراڻا الزام لڳايا. سي پيڪ منصوبن تي غيرذميواراڻا الزام لڳائي انهن تي ڪم روڪيو ويو.هن چيو ته مغربي ملڪن پي ٽي آءِ وزيرن جي سي پيڪ خلاف ڏنل بيان کي نمايان انداز ۾ اجاگر ڪيو. مراد سعيد ملتان سکر، موٽر وي منصوبي ۾ منهنجي مٿان 70 ارب روپيه ڪميشن کائڻ جا بي بنياد الزام لڳائي چين جي سرڪاري ڪمپني کي شرمنده ڪيو. چين جي سرڪاري ڪمپني مراد سعيد جي الزامن خلاف مذمتي بيان جاري ڪيو هو.
