چين پاران ماڪڙ مارڻ لاءِ دوا ۽ ڊرونز ڏيڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چين پاڪستان کي ماڪڙ مارڻ لاءِ زهريلي دوا ۽ اسپري لاءِ ڊرونز ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت جي سيڪريٽري هاشم پوپلزئي تصديق ڪئي آهي ته ماڪڙ مارڻ لاءِ 3 هزار لٽر زهريلي دوا ۽ 50 ڊرونز فراهم ڪندو ۽ پهرين کيپ 9 مارچ تي پاڪستان پهچندي. چين جا ماهر پاڪستان ۾ ماڪڙ جي صورتحال معلوم ڪرڻ آيا هئا ۽ هنن سنڌ حڪومت کا تفصيلي بريفنگ وٺڻ بعد 50 لک ڊالر جي فني معاونت جو اعلان ڪيو هو. جنهن هيٺ هو زهريلي دوا ۽ اسپري لاءِ ڊرونز فراهم ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو