بيجنگ(ويب ڊيسڪ)چين سي پيڪ منصوبن تي پاڪستان سان عملي سهڪار وڌائڻ لاءِ تيار آهي.چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان پنهنجي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي دوري دوران 4 نون ڪوريڊور، ڊجيٽل، صنعتي، گرين ۽ صحت جي شعبن ۾ تيزي سان ڪم ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي. ترجمان چيو ته چين بلوچستان صوبي کي سولر پينل عطيو ڪيا آهن، جڏهن ته گوادر گرين پروجيڪٽ کان علاوه ٻنهي ملڪن ڪورونا خلاف موثر سهڪار ڪيو آهي.ترجمان چيو ته سي پيڪ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ تعاون جو هڪ اهم منصوبو آهي، جنهن پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ خطي جي رابطن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
