اسلام آباد(اياز مهر) پاڪستان چين سان فضائي رابطن تي پابندي هڻي ڇڏي آهي ۽ چيو آهي ته پي آءِ اي جون سموريون اڏامون رد ڪريو ويون آهن. شهري هوابازي جي اداري جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر عابد علي خان جي صحيح سان جاري ڪيل ليٽر ۾ ڪو سبب ناهي ڄاڻايو ويو پر ان جو ممڪنه سبب ڪورونا وائرس ٿي سگهي ٿو. ابتدائي طور پابندي 2 فيبروري تائين آهي جنهن بعد ان تي نظر ثاني ڪئي ويندي. جنهن سبب هن مهل تائين 213 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ۽ دنيا جي 20 ملڪن م هي وائرس ڦهلجي چڪو آهي. پاڪستان دنيا جو پهريون ملڪ ناهي جنهن چين سان فضائي رابطا منقطع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي پر ان کان اڳ ڪينيا، روانڊا، مڊگاسڪر ۽ موريشس ايئر لائنز به اڏامون روڪن جو اعلان ڪري چڪيون آهن. 4 آفريڪي ملڪن اڏامون بند ڪيون آهن پر ايٿوپيا اڏامون جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪئناڊا، نيوزيلينڊ، آمريڪا، برطانيا، ڪيٿي پيسفڪ(هانگ ڪانگ)، لفٿنسا (جرمني) به اڏامون بند ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪيون آهن. هوڏانهن قومي اسمبلي ۾ اپوزيشن جماعتن گوڙ ڪيو آهي ته چين مان پاڪستانين کي وطن آڻيو. حڪومت چوي ٿي ته چين ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي وطن نه آڻبو ڇو ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس ڦهلجڻ جو خطرو آهي. صحت بابت وزيراعظم جي مشير ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته عالمي صحت جي اداري به چين کي چيو آهي ته ماڻهن کي ملڪ مان نه ڪڍو جيسين صورتحال بهتر ٿئي ۽ ويڪسين تيار ٿئي. تيسين پاڪستاني چين ۾ رهن ڇو ته هي وبا پوري دنيا کي لپيٽ ۾ آڻي سگهي ٿي. آمريڪا پنهنجي سفارتڪارن کي چين ڇڏڻ لاءِ چيو آهي.










