چين جو نائب وزيراعظم پاڪستان پهچي ويو،اهم ملاقاتون رٿيل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)چيني صدر شي جن پنگ جو خاص نمائندو ۽ نائب وزيراعظم هي ليونگ 3 ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهتو.وفاقي وزير احسن اقبال، راڻا ثناءُ الله چيني نائب وزيراعظم جو استقبال ڪيو. چيني وفد ۾ نائب وزيراعظم سان گڏ 4 وزير به شامل آهن.چيني نائب وزيراعظم جي باقاعده مصروفيت سڀاڻي شروع ٿيندي ۽ هو سڀاڻي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪندو.چيني نائب وزيراعظم سي پيڪ جي 10 هين سالگرهه جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو.تقريب ۾ سي پيڪ منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني ڪمپنين کي ايوارڊ ڏنا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو