چيني قونصل خاني حملي جو مک ملزم دبئي مان گرفتار

ڪراچي (م ڊ) چيني قونصل خاني تي حملي جو مُک ڪردار راشد بروهي گرفتار ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. هن کي دبئي ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ کيس انٽرپول ذريعي پاڪستان منتقل ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب راشد بروهي چيني قونصلخاني تي حملي جي نگراني ڪندو رهيو، هُن حملو ڪندڙن کي سموريون سهولتون به مهيا ڪيون. سندس گرفتاري اڳ ۾ پڪڙيل جوابدارن کان ٿيل جاچ ۾ مليل ڄاڻ جي بنياد تي عمل م آئي. واضح رهي ته گذريل سال نومبر مهيني ۾ ڪراچي جي چيني قونصلخاني تي حملو ڪيو ويو، پوليس وقت سر ڪارروائي ڪندي ٽن دهشٽگردن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته دهشتگردن جي فائرنگ ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿيا هئا. راشد بروهي جو تعلق ڪالعدم بلوچ لبريشن آرمي سان ٻڌايو وڄي ٿو. هن 9 لک روپيا وثي حمله آورن کي رهايو هو. حملي ۾ ٽي دهشتگرد مارجي ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو