چيف سليڪٽرانضمام الحق مستعفي، قسمت ساٿ نه ڏنو

لاهور(ڊيسڪ رپورٽ) پاڪستان ڪرڪٽ بورڊ جي چيف سليڪٽر انضمام الحق استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته آئون ان ذميواري کان الڳ ٿيڻ چاهيان ٿو، 30 جولاءِ کان پوءِ وڌيڪ ذميواريون نٿو نڀائي سگهان. جڏهن ته آئون پنهنجي ٽيم جو شڪر گذار آهيان، مون پنهنجي سليڪشن جا 3 سال مڪمل ڪيا. آئون ڪرڪيٽر آهيان ۽ ڪرڪيٽ منهنجو پيشو، جنون ۽ محبت آهي. سليڪشن کان علاوه بورڊ ڪابه ذميواري ڏئي ته ان لاءِ تيار آهيان. انضمام الحق جو چوڻ هو ته جيڪو مون کي ڪرڻ گهرجي ها اهو مون ڪيو ورلڊ ڪپ ۾ ٽيم جي ڪارڪردگي سٺي رهي. فائنل کيڏندڙ  ٽيمن کي پاڪستان شڪست ڏني. اسان جي ٽيم سٺي هئي. قسمت اسان جو ساٿ نه ڏنو. ٽورنامينٽ جي آخر ۾ وڪيٽون مشڪل  ٿي ويون. ماهرن پاڪستان کي ورلڊ ڪپ کٽڻ وارين ٽيمن ۾ شامل ڪيو هو. چيف سليڪٽر چيو ته پاڪستان ٽي 20 ۾ گذريل هڪ سال کان نمبر ون آهي ۽ 2016 کان هينئر تائين 15 نوجوان رانديگر ٽنهي فارميٽ ۾ کيڏي رهيا آهن ۽ اهي رانديگر ڪيترن ئي سالن تائين پاڪستان جي نمائندگي ڪندا. امام الحق بابت پڇيل سوال تي هن چيو ته امام الحق انڊر 19 جي ٽيم ۾ 2012 ۾ هو ۽ هو انڊر 19 جو نائب ڪپتان به هو. ان وقت آئون چيف سليڪٽر نه هئس جڏهن ته شعيب ملڪ 19 سال ڪرڪيٽ کيڏي آهي هو سٺو رانديگر آهي پر ورلڊ ڪپ ۾ ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو