چيئرمين شهرين سان گڏجي صفائي مهم شروع ڪري ڇڏي

ڊرگھ بالا(ن س) يوسي چئيرمين لال بخش ڏاھري شھرين جي احتجاجي تحريڪ کان پوء يو سي سيڪريٽري محمد صديق رودناڻي جي ڪوششن ڪري شھرين سان ڳالھيون ڪري شھرين جا جائز مسئلا حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو. ڳالھين ۾ سياسي سماجي ۽ صحآفي ڌرين حآجي غلام قادر لغاري, صحآفي جي ايم  لنڊ  ,حاجي عبدالرزاق لنڊ ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. ڪامياب ڳالُھين بعد شھر کي صاف بنائڻ لاء پورو مھينو,صفائي جي مھم جو افتتاح يوسي چئيرمين لال بخش ڏآھري ۽ يو سي سيڪريٽري ڪري پورو مھينو مين بازار سميت مختلف ڊرگھ بالا  شھر جي مختلف محلن ۽ گھٽين ۾ صفائي مھم شروع ڪئي وئي. عملو ۽ شهري گڏجي ٻهاري ڏيڻ سان گڏ,  شھر ۾ گند ڪچرو صاف ڪيو ويو. صفائي مهم ۾ يوسي سيڪريٽري ۽ يوسي چئيرمين پڻ حصو ورتو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو