نثار کي پارٽي ۾ قبول ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي،مريم

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته چوڌري نثار جو(ن) ليگ سان ڪوبه تعلق ناهي. کيس قبول ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.مريم نواز اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته هر طبقو مهانگائي سبب متاثر آهي. ماڻهو تباهي طرف ڌڪجي رهيا آهن. غريب عوام موجوده حڪومت کي پٽون پاراتا ڏئي رهي آهي. ڪوڙ ڳالهائي ترقي جا انگ اکر ڏنا پيا وڃن. شهباز شريف جي ڊنر ۾ شرڪت نه ڪرڻ جي باري ۾ هن چيو ته شهباز شريف جو رول اپوزيشن اڳواڻ جو رول آهي هو ان کي نڀائي رهيو آهي. پارليامينٽرين جو ڊنر هو مان پارليامينٽرين ناهيان. منهنجو هر جڳهه تي موجود هجڻ به ضروري ناهي.شهباز شريف جي باري ۾ ڳالهيون ٺاهڻ بند ٿيڻ گهرجن. جتي شهباز شريف موجود هجي اتي منهنجي موجودگي ضروري ناهي. مريم نواز پي ڊي ايم ۾ پيپلز پارٽي جي واپسي تي جنرل سيڪريٽري جي سيٽ ڇڏڻ جي شاهد خاقان عباسي جي بيان جي حمايت جو اعلان ڪندي چيو ته شاهد خاقان عباسي جو جيڪو موقف آهي منهنجو به اهويئ موقف آهي. هن معاملي تي(ن) ليگ ۽ مولانا فضل الرحمان جو هڪ ئي موقف آحي اپوزيشن جو ڪوبه نئون اتحاد نه آهي. پي ڊي ايم موجود آهي، پي ڊي ايم رمضان المبارڪ کان پوءِ اجلاس جو فيصلو ڪيو هو. پي ڊي ايم جو اجلاس اڄ سڀاڻي ٿيڻ وارو آهي.پيپلز پارٽي جيڪو شوڪاز ڦاڙي ردي ۾ اڇليو هو. هي ان جو جواب ڏين. ان کان پوءِ ئي پي ڊي ايم ۾ واپسي جو فيصلو ٿيندو. (ن) ليگ جي نائب صدر چيو ته پنجاب ۾ تحريڪ عدم اعتماد جي لاءِ اسان کي نمبر نه گهرجن. اسان وٽ هونئن به وڌيڪ نمبر آهن. هي چار سالن کان منصوبا ٺاهي رهيا آهن. بدنيتي جو سمورو ڪم هنن جي مٿان ايندو. هن چيو ته ارشد ملڪ جي گواهي کان پوءِ نوازشريف جي ۽ شوڪت عزيز صديقي جي گواهي  کان پوءِ منهنجا سمورا  ڪيس ختم ٿيڻ گهرجن. ثابت ٿي چڪو آهي ته هي سياسي انتقام کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي.مريم نواز وڌيڪ چيو ته چوڌري نثار آزاد اميدوار آهي ان جو مسلم ليگ(ن) سان ڪوبه تعلق نه آهي. (ن) ليگ کيس ڇو قبول ڪندي ان جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته  جيڪڏهن نيب چيئرمين کي هٽايو ويو ته هي هن جهڙو هڪ ٻيو  وٺي ايندا. اصل مسئلو نيب چيئرمين نه آهي. اصل مسئلو اهي ماڻهو آهن جيڪي نيب کان اهڙي قسم جو ڪم وٺندا آهن. استعمال ڪندڙ وڌيڪ گناهگار آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو