چوڌري شگر ملز ڪيس ۾ مريم نواز جي ضمانت منظور

لاهور( بيورو رپورٽ) لاهور هاءِ ڪورٽ چوڌري شگر ملز ڪيس ۾ مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز جي  هڪ هڪ ڪروڙ رپين جي ٻن مچلڪن ۽ پاسپورٽ جمع ڪرائڻ عيوض ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس باقر نجفي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ڪيس جو فيصلو ٻڌايو. نيب مريم نواز کي 8 آگسٽ تي پنهنجي والد نوازشريف سان ملاقات دوران ڪوٽ لکپت جيل مان گرفتار ڪيو هو. جڏهن ته چوڌري شوگر ملز ڪيس ۾ ان جو سئوٽ يوسف عباس به گرفتار آهي. واضح رهي ته مريم نواز 24 آڪٽومبر تي پنهنجي والد نوازشريف جي تيمارداري لاءِ ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي هئي جنهن تي عدالت 31 آڪٽومبر تي فيصلو محفوظ ڪيو هو. نيب پراسڪيوٽر جهانزيب ڀروانه پاران مريم نواز جي ضمانت جي مخالفت ڪئي هئي جڏهن ته وڪيل امجد پرويز انساني همدردي جي بنياد تي ضمانت ڏيڻ جي استدعا ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو