چونڊ 2024، ملڪ جي مختلف حلقن ۾ وڏا اپ سيٽ

اسلام آباد( رپورٽ اياز مهر) 8 فيبروري 2024 تي ٿيل عام چونڊن جا نتيجا غير ضروري دير سبب هي سٽون لکن تائين مڪمل نتيجا نه اچي سگهيا آهن ۽ نتيجن جو سلسلو جاري آهي. هن اليڪشن ۾ عام تاثر هيو ته پي ٽي آءِ جو پتو صاف ڪيو ويندو پر سندن حمايت يافته آزاد اميدوارن جو انگ ٻين جماعتن کان وڌيڪ آهي. هن اليڪشن ۾ حيران ڪندڙ نتيجا به سامهون آيا آهن. ڪيترائي اهم اڳواڻ هارائي ويا آهن.
مسلم ليگ (ن) جو قائد ميان نواز شريف خيبر پختونخواه جي مانسهره ۽ تورغر جي علائقي جي قومي اسمبلي واري تڪ اين اي 15 تان پي ٽي آءِ جي آزاد اميدوار گستاسب خان هٿان شڪست کاڌي آهي. ڪامياب اميدوار هڪ لک 5249 ووٽ کنيا ۽ نواز شريف کي 80 هزار 382 ووٽ حاصل ڪري هارائي ويو. ميان نواز شريف لاهور جي تڪ اين اي 130 تان هڪ لک 71 هزار 24 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو ۽ سندس مخالف ياسمين راشد هڪ لک 15 هزار 43 وٽ کڻي هارائي وئي. ياسمين راشد جيل ۾ آهي. هن حلقي جو ريترننگ آفيسر مستعفي ٿي ويو ۽ نئين مقرر ڪيل آر او مٿي ڄاڻايل نتيجي جو اعلان ڪيو. مريم نواز اين اي 119 لاهور مان پهريون ڀيرو چونڊ کٽي ورتي آهي هن 83 هزار 855 ووٽ کنيا. شهباز شريف لاهور جي تڪ اين اي 123 مان 63 هزار 953 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. شهباز شريف صوبائي اسمبلي جي تڪ پي پي 158 تان صوبائي اسمبلي جي سيٽ تان 38 هزار 642 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو آهي. شهباز شريف قصور مان به قومي اسمبلي جي سيٽ کٽي آهي.
اسٽيبلشمينٽ جي ٺاهيل پارٽي استحڪام پاڪستان پارٽي يعني آءِ پي پي جو سربراهه جهانگير خان ترين ملتان ۽ لوڌران وارن ٻنهي تڪن تان هارائي ويو آهي.
مولانا فضل الرحمان اباڻي تڪ ڊي آءِ خان اين اي 44 مان آزاد اميدوار علي امين گنڊاپور کلان هارائي ويو پر بلوچستان جي پشين واري تڪ تان ڪاميابي ماڻي ورتي آهي.
راولپنڊي جي ٽيڪسيلا واري تڪ اين اي 54 تان چوڌري نثار علي خان ۽ چوڌري غلام سرور خان ٻئي هڪ نوجوان اميدوار عقيل ملڪ هٿان هارائي ويا آهن. عقيل ملڪ 85 هزار 912 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي. ٻئي نمبر تي پي ٽي آءِ جي عذرا مسعود 73 هزار 694 ووٽ کنيا. جڏهن تي چوڌري نثار 19093 ۽ غلام سرور خان 16889 ووٽ کنيا.
جماعت اسلامي جو سربراهه پي تي اءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار محمد بشير هٿان لوئر دير اين اي 6 تان وڏي مارجن تان هارائي ويو آهي.
اي اين پي جو سربراهه ايمل ولي خان اين اي 25 چارسده مان پي ٽي آءِ جي حامي فصل محمد خان هٿان وڏي اڪثريت سان هارائي ويو. ايمل ولي 67 هزار 876 ووٽ کنيا ۽ کٽيندڙ هڪ لک کان مٿي ووٽ کنيا. اي اين پي ڪي پي جو صدر ۽ ايم ولي جو مامو امير حيدر هوتي مردان جي اين اي 22 تان شڪست بعد پارٽي عهدي تان ئي مستعفي ٿي ويو آهي.
سياڻو ڪانئن شيخ رشيد راولپنڊي مان هارائي ويو آهي. کيس مسلم ليگ (ن) جي حنيف عباسي شڪست ڏني آهي.
بلاول ڀٽو لاڙڪاڻي ۽ قمر شهداد ڪوٽ واريون قومي اسمبلي جون ٻئي سيٽون کٽي ويو آهي. جڏهن ته نوابشاهه مان آصف علي زرداري به وڏي ليد تان کٽي ويو آهي. هالا مان مخدوم جميل الزمان وڏي ليڊ تان مسلم ليگ (ن) سنڌ جي صدر بشير ميمڻ کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي.
بلوچستان مان سردار اختر مينگل اين اي 226 قلات ۽ مستونگ واري سيٽ تان ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. محمود خان اچڪزئي به قومي اسمبلي جي سيٽ کٽي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو