چونڊ کان ھڪ ڏينھن اڳ آفيسرن جي تبديلين تي خدشن جو اظھار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سعيد غني جو چوڻ آهي ته ڪراچي جي تڪ اين اي 237 ۾ چونڊن کان هڪ ڏينهن اڳ پرزائيڊنگ آفيسرن جي بدلي تي خدشا آهن.پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ٻڌايو وڃي ته اها تبديلي ڪنهن جي درخواست تي اليڪشن کان هڪ ڏينهن اڳ رات دير سان ٿي.هن مطالبو ڪيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر فوري طور تي نوٽيس وٺي پرزائيڊنگ آفيسرن جي بدلي کي رد ڪري.سعيد غني چيو ته بدليون شفاف ۽ غيرجانبدار چونڊن جي راهه ۾ رڪاوٽ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو