چونڊ عملي ۾ سامان جي ورهاست جاري، سڀاڻي پولنگ جا انتظام مڪمل

ڪراچي (نمائندن وٽان ) سڄي ملڪ ۾ سڀاڻي 8 فيبروري تي عام چونڊن جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، پوليس، رينجرز، ايف سي، ليويز ۽ فوج جي مقرري ڪئي وئي آهي. ملڪ جي مختلف شهرن ۾ چونڊون ڪرائڻ واري عملي کي سامان جي جي فراهمي جاري آهي ۽ ڏورانهن علائقن وارين پولنگ اسٽيشنز لاءِ عملو روانو ٿي چڪو آهي ، ووٽر قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 855 تڪن تي اميدوارن جي چونڊ ڪندا.سڄي ملڪ ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 12 ڪروڙ 85 لک 85 هزار 760 آهي.سڄي ملڪ ۾ 90 هزار 675 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون آهن، جڏهن ته 1 لک 90 هزار چونڊ عملو ڊيوٽي تي هوندو.پولنگ صبح 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهندي ۽ تڪ جا غير حتمي غير سرڪاري نتيجا رٽرننگ آفيسر جي آفيسن مان جاري ڪيا ويندا، پولنگ اسٽيشنن جا نتيجا پولنگ ختم ٿيڻ کان هڪ ڪلاڪ پوءِ جاري ڪيا ويندا.ووٽ صرف اصل قومي شناختي ڪارڊ تي ئي ڏئي سگهبو، جڏهن ته ختم ٿيل قومي شناختي ڪارڊ به ووٽ ڏيڻ لاءِ قابل قبول هوندا.
16 هزار 766 پولنگ اسٽيشنز کي انتهائي حساس قرار
سڄي ملڪ ۾ 16 هزار 766 پولنگ اسٽيشنز کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي، حساس ترين پولنگ اسٽيشنن جي ٻاهر فوج کي مقرر ڪيو ويندو. پنجاب ۾ 5 هزار 624 پولنگ اسٽيشنز کي حساس ترين قرار ڏنو ويو آهي، جتي في پولنگ اسٽيشن تي 5 اهلڪار مقرر هوندا، جڏهن ته سنڌ ۾ 4 هزار 430 پولنگ اسٽيشنز کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي، هر پولنگ اسٽيشن تي 8 اهلڪار مقرر هوندا.خيبرپختونخواهه جي 4 هزار 265 حساس ترين پولنگ اسٽيشنن تي هر پولنگ اسٽيشن تي 9 اهلڪار مقرر هوندا جڏهن ته بلوچستان جي 1047 حساس پولنگ اسٽيشنن تي هر پولنگ اسٽيشن تي 9 اهلڪار مقرر هوندا.
ڪيترين قومي ۽ صوبائي سيٽن تي پولنگ ٿيندي؟
اسلام آباد مان قومي اسيمبلي جي 3 سيٽن تي ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويندا، جڏهن ته پنجاب مان قومي اسيمبلي جي 141 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 297 سيٽن تي ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويندا. سنڌ مان قومي اسيمبلي جي 61 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 130، خيبرپختونخواهه مان 45 قومي اسيمبلي ۽ 115 صوبائي، بلوچستان جي 51 قومي اسيمبلي ۽ 51 صوبائي اسيمبلين جي سيٽن تي پولنگ ٿيندي. اليڪشن ڪميشن عام چونڊن لاءِ 26 ڪروڙ بيلٽ پيپرز ڇپائي ڇڏيا آهن، چونڊن واري ڏينهن سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي.
چئن تڪن ۾ پولنگ ملتوي
چئن تڪن تي اميدوارن جي فوت ٿيڻ سبب پولنگ ملتوي ڪئي وئي آهي. پي ڪي 91 ڪوهاٽ 2 ۾ اميدوار عصمت الله خٽڪ جي لاڏاڻي سبب پولنگ نه ٿي سگهي، جڏهن ته اين اي 8 باجوڙ، پي ڪي 22 باجوڙ 4 ۾ اميدوار ريحان زيب جي لاڏاڻي سبب سڀاڻي پولنگ نه ٿيندي، جڏهن ته پي پي 266 ۾ رحيم زيب جي لاڏاڻي سبب پولنگ نه ٿيندي. يار خان 12 اميدوار کي ووٽ نه ڏيندا، اسرار حسين جي لاڏاڻي سبب سڀاڻي اليڪشن نه ٿيندي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته لاڳاپيل تڪن ۾ چونڊون عام چونڊن کانپوءِ ٿينديون، انهن تڪن جي شيڊول جو اعلان چونڊن کانپوءِ ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو