اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پارليامينٽ جي چونڊ سڌارن واري ڪميٽي جي چيئرمين اياز صادق چيو آهي ته ايندڙ چونڊون ڪهڙي آدمشماري تحت ٿينديون؟ اهو اڃا واضح ناهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هن وقت تائين رڳو 2017 جي مردم شماري تي صحيح آهي، ان جي منظوري کانپوءِ 2023 جي مردم شماري قانوني ٿيندي.اياز صادق چيو ته چونڊ سڌارن سبب عام چونڊن ۾ دير نه ٿيندي.
