چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون، سمورا انتظام مڪمل آهن

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف اليڪشن ڪمشنر واضح ڪيو آهي ته چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون، سمورا انتظام مڪمل آهن، هر قسم جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تياري مڪمل آهي.اليڪشن ڪميشن ۾ عام چونڊن جي تياري جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو، جنهن جي صدارت چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا ڪئي.اجلاس دوران چيف اليڪشن ڪمشنر واضح ڪيو ته پرامن چونڊون ڪرائڻ انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ذميواري آهي.سيڪيورٽي اختيارين بريفنگ ۾ چيو ته سمورا انتظام مڪمل آهن، ملڪ جي ڪجهه حصن ۾ ٿريٽ الرٽس آهن پر چونڊن جي حوالي سان ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين.چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اداري يا پولنگ اسٽاف جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، ضابطن جي ڀڃڪڙي تي به قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.هن چيو ته چونڊن جي سخت مانيٽرنگ ٿيندي ۽ سڄي ملڪ ۾ چونڊون مقرر تاريخ تي ئي ٿينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو