چونڊن ۾ ناڪامي، سراج الحق ۽ جهانگير ترين عهدن تان مستعفي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) 8 فيبروري تي عام چونڊن ۾ جماعت اسلامي جي هارائڻ تي دل برداشته ٿي پارٽي سربراهه سراج الحق عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ٻئي پاسي ملتان ۽ لوڌران جي ٻنهي قومي اسمبلي جي تڪن تان هارائڻ بعد استحڪام پارٽي جي سربراهه جهانگير ترين سياست ۽ پارٽي عهدو ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي. جهانگير ترين جو چوڻ آهي ته هو ذاتي حيثيت ۾ ملڪي خدمت جاري رکندو.

پهنجو تبصرو موڪليو