چور مڇي فارم ۾ زهر اڇلائي ويا، لکين رپين جو نقصان

ڏهرڪي( قادر خان جٽ) لياقت آباد ويجهو ٽائون ڪاميٽي ڏهرڪي جي ڪائونسلر امان الله خان ملڪ جي مڇي فارم ۾ نامعلوم چور زهر اڇلائي ويا. زهر ڦهلجڻ ڪري ننڊي وڏي مڇي مرڻ لڳي آھي مڇي جي ماليت لکين رپيا ٻڌائي وڃي ٿي. هوڏانهن ڪائونسلر امان الله خان ملڪ احتجاج ڪندي ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ايس ايچ او ڏهرڪي کان مطالبو ڪندي چيو آھي ته  پوليس جي اسپيشل ٽيم جوڙي وڃي ۽ وحشي ظالمن کي فوري گرفتار ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو