چورين ۽ ڦر جي وارداتن ۾ اضافو، شهرين جو احتجاجي ڌرڻو

شهدادڪوٽ (ن س) شهدادڪوٽ ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران شهر ۾ وڌندڙ بدامني ۽ چورين ، ڦرن جي وارداتن جي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن وزير کوسو ، پيربخش ڀٽي ، حاجي خان ڀٽو ، استاد شمن ابڙو ، ڪائونسلر انيل ڪمار ، صديق ابڙو ، زاهد مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ڪوٽوموٽو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي ان موقعي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهر بدامني جي ور چڙهي ويو آهي، جنهن ڪري روزانو شهرين کان 2 کان 3 موٽرسائيڪلون ڦر ٿيڻ روز جو معمول بڻيل آهي هنن چيو ته پوليس اگهور ننڊ ستل آهي جنهن جي ڦورن ۽ چورين جا واقعا روز جو معمول بڻجي ويا آهن هنن وس وارن کان شهر ۾ ٿيندڙ بدامني جو نوٽيس وٺي امن قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو