چمن ۾ بم ڌماڪو، 5 فوت ۽ 10 ٻيا زخمي ٿي پيا

چمن (ويب ڊيسڪ) مال روڊ تي بم ڌماڪي سبب 5 ماڻهو فوت ۽ 10 ٻيا زخمي آهن. عيني شاهدن جي بقول بم موٽر سائيڪل ۾ لڳل هو. پوليس موجب 10 زخمين مان 8 جي حالت نازڪ آهي. مال روڊ تي ٿيل ڌماڪي سبب عمارتن، گاڏين ۽ دوڪانن کي نقصان پهتو آهي. سيڪورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ آڻي تلاشي شروع ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو