ڄام ڪنڊو ڳوٺ ۾ افطارجي دعوت تي گهرايل دوست، دوستن ھٿان قتل؟

ملير (رپورٽ درياخان شر) شاھ لطيف ٿاڻي جي حد يوسف عارفاڻي ڳوٺ جو رهواسي 22 ورهين جو محمد علي عارفاڻي دوستن جي دعوت تي  ڄام ڪنڊو ڳوٺ ويو. جتي مبينا طور  اڻ ڄاتل دوستن هٿان قتل ٿي ويو. ساڻس گڏ ويل 10 ورهين جو ڀاڻيجو شمس عارفاڻي پنهنجا حواس وڃائي ويٺو، اطلاع تي وارثن پوليس سان گڏ ڳوٺ پهچي لاش ٿاڻي آندو، جتان پوليس پوسٽ مارٽم لا۽ جناح اسپتال اماڻيو. لاش ڳوٺ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. جتي جنازي نماز ۾ علائقي واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي فوتي جي ڀاءُ سڌير عارفاڻي ٻڌايو ته شام ڌاري ڄام ڪنڊو ڳوٺ مان منهنجي ڀاءُ محمد علي کي دوستن جي افطار دعوت لاءِ فون آيو ۽ هو پنهنجي ننڍڙي ڀاڻيجي سان گڏ ڄام ڪنڊو ڳوٺ ويو، واپسيءَ ۾ دير ٿيڻ سبب رابطو ڪيو ته ڀاڻج شمن عارفاڻي روئيندي ٻڌايو ته ماما محمد علي مارجي  ويو آهي اسان پوليس ساڻ ڪري موقعي تي پهتاسين ته سندس لاش زميني پاڻي واري ٽانڪي مٿان پيل هو ۽ سندس جسم مان رت وهي رهيو هو، پوليس لاش کڻڻ مهل دعويٰ ڪئي ته فوتي سان روڊ حادثو ٿيو آهي. پوليس جي اهڙي رويي تي اسين احتجاج ڪندي آئي جي سنڌ، ايس ايس پي ملير کان مطالبو ڪيو ته اسان جي نوجوان جي قتل جي ايف آئي آر داخل ڪري ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. فوتي سان گڏ ويندڙ ننڍڙي شمس ٻڌايو ته ماما محمد علي سان گڏجي ڄام ڪنڍي پهتاسين ته دوستن سان گڏجي روزو کوليو سين جنهن بعد منهنجي ماما کي هنن ٽيھ هزار رپيا ڏنا ۽ ٻن ڄڻن مون کي ڪنهن گهر ۾ انتظار ڪرڻ لاءِ ترسايو. هڪ ڪلاڪ بعد هنن مان هڪ همراه مون کي ٻڌايو ته تنهنجو ماما فوت ٿي ويو آهي، مون مامي کي مئل حالت ۾ ڏٺو ۽ رڙيون ڪندي پنهنجي مامي جي فون تان گهر ڀاتين کي اطلاع ڪيم پوليس سان گڏ ميت کڻڻ مهل سندس چارئي دوست غائب هئا جڏهن ته هن وقت تائين نامعلوم ماڻهن جي خلاف فقط اين سي ڪٽي وئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو