ڪنب (صفدرچانڊيو) پراڻي نيشنل هاءِ وي تي ڳوٺ گل محمد ڄامڙو جي ڳوٺاڻن پنهنجي ڀوتارن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. منظور حسين، رمزعلي، نجم الدين ۽ ٻين الزام مڙھندي چيوته سردار نظير احمد ڄامڙو ۽ فداحسين ڄامڙو اسان مٿان ڪوڙا ڪيس ڪرائي اسان کي لڏا؟ڻ چاهن ٿا. ٻن نوجوانن سينگار علي ولد رمزعلي ۽ ايازعلي ولد منظور علي ڄامڙو کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو آهي. ڳوٺاڻن وڌيڪ چيو ته فدا حسين ڄامڙو جي ذاتي واسطي سبب ڪوبه وڪيل اسان جو ڪيس وڙھڻ لاء تيار ناهي. اسان جو هڪڙو نوجوان ايازعلي ڄامڙو ٽن مهينن کان ڀوتارن جي ظلمن کان تنگ ٿي دربدري واري زندگي گذاري رهيو آھي جڏھن ته ٻيو نوجوان سينگاري علي ڄامڙو کي راڻي پور پوليس گرفتاري کانپوء گم ڪري ڇڏيو آھي. هنن اعلي اختيارين کان گهر ڪندي چيو ته شفاف انڪوائري ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.
سنڌيار ڪراچي 27 جولاءِ 2024ع
سنڌيار سکر 27 جولاءِ 2024ع
ياد مخلص ماڻھوءَ جي
ڌرڻي جي رستا روڪ، سوين ڪارڪن گرفتار، ٽن هنڌن تي ڌرڻو جاري
ٻوڏ متاثرن لاءِ 3 هزار 100 گهرن جي تعمير جو ڪم مڪمل
صدر ٻن ايڊهاڪ ججن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي
ڪي پي ۾ ڪو به آپريشن نه ٿيندو، پنهنجا فيصلا پاڻ ڪنداسين
حڪومت طرفان جماعت اسلامي کي ڳالهين جي آڇ
عنبرين جان وفاقي سيڪريٽري اطلاعات و نشريات مقرر
چين ۽ سعودي عرب کان 9 ارب ڊالر قرض رول اوور ڪرڻ جو امڪان
پاڪستان لاءِ 40 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري
عورتن جي مخصوص سيٽن لاءِ پي ٽي آءِ لسٽ جمع ڪرائي ڇڏي
ڌرڻي کان روڪيو ويو ته امن خراب ٿيندو: حافظ نعيم
اڊيالا جيل ۾ ويٺل قيدي جو مشن ڌرڻن ذريعي اقتدار حاصل ڪرڻ آهي
اڪبر بگٽي خاندان ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي
ڪوٽ غلام محمد ۾ هٿياربندن جي ڪاهه، چاچو ۽ ڀائٽيو مارجي ويا
سن ڀرسان حادثي ۾ 3 ڄڻا فوت، 20 کان وڌيڪ زخمي
نوجوان ڦر دوران مزاحمت تي قتل
بنگلاديش سيريز، سينئر رانديگرن کي ڊارپ ڪرڻ جو فيصلو
پي ٽي آءِ کي سومر تي احتجاج جي اجازت، عدالت جو حڪم