ڄامشورو لڳ حادثو 6 ڄڻا زخمي، لمس ۾ داخل

ڄامشورو (ن س)ڄامشوري لڳ اپنجاب آباد کان ڪراچي طرف ويندڙ لينڊ ڪروزر اوور ٽيڪنگ دوران ڊمپر سان ٽڪرائجڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 6 ماڻهو زخمي ٿي پيا. جن ۾ 6 سالن جو نادر شاهه، 9 سالن جو عثمان، 18 سال جو مناحل، 40 سالن جي عاصمه، 8 سالن جي ماه نور ۽ 45 سالن جو مقصود شاهه زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو