لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جڏهن به ڀڃ ڊاهه جي جاچ ٿيندي ته ثابت ٿي ويندو ته اهو اڳواٽ پلان هو.قوم سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته نه رڳو تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن پر حمايتين کي به جيلن ۾ وڌو پيو وڃي.هن چيو ته تحريڪ انصاف جي 10 هزار کان وڌيڪ ڪارڪنن کي جيلن ۾ وڌو ويو آهي. انهن ماڻهن کي ڪو جادوئي لفظ چئو ته جيڪڏهن توهان تحريڪ انصاف ۾ نه آهيو ته توهان کي آزاد ڪيو ويندو.عمران خان چيو ته جيلن ۾ بند ڪارڪنن کي کاڌو نه پيو ڏنو وڃي. وڪيلن سان ملاقات جي اجازت نه ڏني وڃي.هن چيو ته منهنجي گهر جي چوڌاري انٽرنيٽ بند ڪئي وئي آهي ته جيئن پيغام ماڻهن تائين نه پهچي.هن چيو ته ميڊيا ۾ هڪ طرفو رويو هلي رهيو آهي. ملازمن ۽ اهلڪارن کي گهرجي ته هو گهرن ۾ نه رهن ۽ ڪنهن هنڌ لڪي وڃن.هن چيو ته عورتن جي حقن جي تنظيمن کي انهن عورتن تي ٿيندڙ ظلم نظر نه پيا اچن. شيرين مزاري کي آزاد ٿيڻ کانپوءِ بار بار هڪ جيل کان ٻي جيل ۾ رکيو ويو. شيرين مزاري بيمار آهي، هوءَ اهو سڀ برداشت نه ڪري سگهي.عمران خان چيو ته مان شڪر گذار آهيان ته شيرين پارٽي کي ظلم کان بچائڻ لاءِ ڇڏيو.چيئرمين پي ٽي آءِ چيو ته ان سان نه رڳو تحريڪ انصاف جو نقصان ٿي رهيو آهي، جمهوريت کي تباهه ڪيو پيو وڃي. پاڪستان ۾ بنيادي حق کسيا ويا آهن.هن سوال اٿاريو ته 25 ماڻهو شهيد ٿيا. اڃا تائين جاچ ڇو نه ٿي آهي؟ اهي تحقيقون اڄ نه ته مستقبل ۾ ٿينديون.عمران خان چيو ته فيصلو ڪيو وڃي ته ملڪ ۾ پرامن احتجاج جي اجازت نه ڏني ويندي.هن چيو ته جيڪي فيصلا ڪري رهيا آهن انهن کي نظر نٿو اچي ته ملڪ ٻڏي رهيو آهي.










