ڀيڻ کي ڇڏائڻ لاءِ آيل عورت قتل، خودڪشي جو رنگ

ڳڙهي ياسين(شفيق مهر) دلاور معرفاڻي ٿاڻي جي حد “گهر پنهنجا” ۾ معمولي ڳالهه تان محراب، پنهل ۽ ٻين مسمات نسيما زال پنهل معرفاڻي مٿان تشدد ڪري رهيا هئا ته ڀيڻ کي ڇڏائڻ لاءِ آيل مسمات پروين زال جلال معرفاڻي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، هوڏانهن وارثن کي خودڪشي ڪرڻ جو اطلاع ڏنو ويو. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولا جو لاش کڻائي ڳڙهي ياسين اسپتال آندو، جتي مقتولا جي ماءُ شرمان ۽ سندس والد رياض معرفاڻي ٻڌايو ته اسان جي ڌي پروين کي جوابدار سچل، محراب ۽ پنهل گوليون هڻي بي گناهه قتل ڪيو آهي ۽ جوابدارن اسان کي خودڪشي ڪرڻ جو اطلاع ڏنو. اسان سان وڏو ظلم ٿيو آهي انصاف ڏياريو وڃي. ٻئي طرف قتل جي الزام هيٺ آيل جوابدار سچل معرفاڻي، محراب معرفاڻي ۽ ٻين چيو ته پروين گهرو ڳالهه تان ڪاوڙجي پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي ڪئي آهي. اسان مٿان الزام غلط آهي خون جي ڪوڙي ڪيس کان بچايو وڃي. رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي ڳڙهي ياسين بشير احمد شر ٻڌايو ته اسان کي قتل جا اطلاع مليا آهن، واقعي بابت جانچ ڪري ملوث جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو، لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، رپورٽ جو انتظار آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو