ڀيل برادري ۽ اسپتال عملي ۾ جهيڙو، ڌرين پاران ڌار ڌار احتجاج

مٺي (لياقت نھڙيو)مٺي سول اسپتال ۾ مريض ٻارڙي سان گڏ آيل سندس وارث عورت ۽ ٻين تي پوليس ۽ اسپتال عملي جو تشدد. ڇڪتاڻ بعد طلب ڪيل پوليس هٿان مريض ٻارڙي جو مامون گرفتاري بعد آزاد، وارثن جو عورتن سميت اسپتال جي احاطي ۽ مين گيٽ تي ڌرڻو جاري، تشدد ڪندڙ عملي کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو. خبر موجب مٺي سول اسپتال ۾ داخل 5 سالن جي ٻارڙي نينا ڌيءُ مٺو ڀيل سان گڏ آيل سندس ناني ثمينا ڀيل ۽ مامي دليپ ڀيل مٿان اسپتال جي عملي بدتميزي بعد تشدد ڪيو، جنهن تي مريض ٻارڙي جي ناني اسپتال اندر وڏيون دانهون ڪيون ته وڏي انگ ۾ ماڻھو گڏ ٿي ويا. ڇڪتاڻ ٿيڻ تي اسپتال انتظاميا پوليس طلب ڪري ورتي ۽ پوليس هنگامو ڪرڻ جي الزام هيٺ مريض ٻارڙي جي مامون دليپ ڀيل کي گرفتار ڪري ورتو جنهن بعد احتجاج کانپوء ڇڏايو ويو، جنهن تان ڀيل برادري ۾ سخت تاءُ پکڙجي ويو ۽ ڀيل برادري جي وڏي انگ ۾ عورتون ۽ مردگڏ ٿي ويا ۽ اسپتال جي مين گيٽ تي ڌرڻو هڻي مک دروازو بند ڪري ڇڏي.

ڀيل برادري جو احتجاج

تشدد ڪندڙ عملي کي گرفتار نه ڪرڻ تائين احتجاج جاري رکڻ جو چتاءُ ڏنو، 2 ڪلاڪن جي احتجاج ۽ ڇڪتاڻ بعد اسپتال انتظاميا تشدد جي الزام هيٺ آيل پٽيوالي ڪمليش کي پوليس حوالي ڪيو، جڏھن ته ڀيل برادري گرفتار مريض جي گرفتار مامون دليپ ڀيل کي آزاد ڪيو ويو جنهن بعد ايم ايس سان ڳالهين بعد احتجاج ختم ڪيو ويو ته اوچتو پيراميڊيڪل عملي اوپي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪندي غنڊاگردي نامنظور جا نعرا هنيا ۽ مريض جي وارثن خلاف احتجاج ڪيو، جنهن بعد ڀيل برادري جي سوين ماڻهن ٻيهر اسپتال جي مين گيٽ ۽ اسلام ڪوٽ روڊ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، هوڏانهن تشدد جو نشانو بڻيل مريض ٻارڙي جي ناني ثمينا ڀيل صحافين کي ٻڌايو ته اسان جي مريض ٻارڙي کي ڊاڪٽرن حيدرآباد ريفر ڪرڻ جو ليٽر ڏنو اسان کيس اسپتال مان کڻي رهياسين ته مڇريل اسپتال عملي بلاجواز اسان تي تشدد ڪيو. بدتميزي ڪري اخلاق جو حدون پار ڪيون ويون. هن چيو ته زيادتي به اسان سان ٿي ۽ گرفتار به منهنجي ڀاءُ کي ڪيو ويو آھي. هن چيو ته مٺي سول اسپتال علاج بدران ريفر سينٽر بڻيل آھي. ايم ايس گل منير وسطڙو متاثرن سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرائڻ بعد ريفر ڪيل ٻارڙي لاءُ ايمبولينس ڏيئي روانو ڪيو ته اسپتال جي پيرا ميڊيڪل عملي تشدد جي الزام هيٺ آيل پٽيوالي ڪمليش جي گرفتاري خلاف ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري ڇڏي ۽ عملو ڊيوٽيون ڇڏي اسپتال مان ٻاهر نڪري آيو.

پيراميڊڪ اسٽاف جو احتجاج

اهڙي صورتحال بعد اسپتال انتظاميا ڏچي ۾ پئجي ويئي ۽ عملي جو احتجاج ختم ڪرائڻ جون ڪوششون جاري هيون. ان ڏس ۾ ايم ايس گل منير وسطڙو رابطو ڪرڻ تي چيو ته اسپتال ۾ دروازي تي موجود اسٽاف سان منهن ماري بعد  ڦڏو ٿيو آھي هڪٻئي کي ٿڦڙون هنيون ويون آھن انڪري الزام هيٺ آيل پٽيوالي کي پوليس حوالي ڪري معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪريون پيا. هن چيو ته مريض جي وارثن سان ڳالهيون ڪري معاملو حل ڪيو ويو آھي جيڪي ٻارڙي کي حيدرآباد کڻي هليا ويا آھن پر اسٽاف ڪم ڇڏ ھڙتال ڪئي آھي اهو معاملو حل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آھيون. هن چيو ته جاچ بعد ذميوار عملي خلاف وڌيڪ ڪارروائي ڪنداسين. هن چيو ته اسپتال اندر ڪنهن کي به غنڊاگردي ڪرڻ نه ڏني ويندي اهو چاهي ڪير به هجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو