ٽنڊو غلام حيدر ( رپورٽ ميرحسن رند )نظرپور ڀرسان ڳوٺ خير محمد کوسو ۾ ڀيل برادري جا 5 خاندان جن ۾ عورتن مردن ۽ ٻارڙن سميت 28 ڄڻن اسلام قبول ڪري ورتو اهڙي خوشي ۾ ڳوٺ جي معززن محمد اشرف عرف منو کوسو؛ حاجي ايوب کوسو؛ راحب کوسو؛ زمان کوسو؛ راجا اڪرم کوسو؛ طرفان هڪ عاليشان پروقار تقريب منعقد ڪرائي وئي جنهن ۾ سڀني اسلام قبول ڪندڙن کي کاڌي پيتي سميت سامان پڻ ڏنو ويو ۽ مالي مدد پڻ ڪئي وئي جڏهن ته ان موقعي تي ڳوٺ جي معززن ماڻهن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سڀني جي دين اسلام قبول ڪري مسلمان ٿيڻ سان اسان کي به تمام وڏي خوشي ٿي آهي معززن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اسان طرفان اسلام ۾ داخل ٿيندڙ سڀني نون مسلمان ڀائرن جي هر سطح تي مڪمل مدد ڪنداسين اسان هنن جي ڏک سک ۾ شريڪ هونداسين هنن چيو ته دين اسلام هڪ وسيع مذهب آھي جتان هر انسان کي امن ڀائيجاري جو درس ملي ٿو جنهن جو بنياد پيار محبت امن ڀائيچاري تي ئي ٻڌل آھي










