ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)صدر واري علائقي ۾ پريڊي اسٽريٽ ٿاڻي جي پوليس سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي 3 سينيئر انسپيڪٽرن کي بلڊر کان 40 لک رپيا ڀتو طلب ڪرڻ تي گرفتار ڪري ورتو آھي. ايس ايس پي ڏکڻ اسد رضا موجب گرفتار آفيسرن ۾ ايس بي سي اي جا 3 سينيئر بلڊنگ انسپيڪٽر عمير ڪريم، امين ۽ ظفر عرف سپاري شامل آهن جڏهن ته ڊپٽي ڊائريڪٽر سيد اويس حسين ۽ ضياءُ عرف ڪالا فرار آهن. گرفتار ۽ مفرور جوابدارن ايم اي جناح روڊ تي تعمير هيٺ عمارت جي بلڊر کان 40 لک رپيا ڀنگ جو مطالبو ڪيو هو ۽ پهرين مرحلي ۾ 5 لک رپيا ورتا ويا هئا. بقايا رقم وصول ڪرڻ لاءِ آيل ٽنھي آفيسرن کي سڳ سوڌو گرفتار ڪيو ويو. واقعي جو ڪيس پريڊي ٿاڻي ۾ سيد بلال نجيب جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ ڀتا خوري ۽ دهشتگرديءَ جا قلم شامل ڪيا ويا آهن.
