ڀتو نه ڏيڻ تان مختيار ڪار جو نوجوان تي تشدد، احتجاجي مظاهرو

خانپورمهر(رپورٽ حميد سيال) خانپورمهر۾ مختيارڪارجو هندو نوجوان دڪاندار کي گهلي گهلي تشدد، ڪريانه ايسوسيئيشن پاران دڪان بند ڪري خانپورمهر ۾ ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو ويو. مختيارڪارخانڳڙهه شبيرڪلهوڙو عام واهپي جي شين جي اگهن جي چڪاس دوران هڪ هندو نوجوان دڪاندار ڌنيش ڪمار کيماڻي کي گهلي گهلي تشدد ڪري سندس ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا، مختيارڪار جي اهڙي عمل خلاف ڪريانه ايسوسيئيشن جي سڏ تي دڪاندارن دڪان بند ڪري خانپورمهر جي بمبلي پل تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌنيش ڪمار، انيل ڪمار، شنڪر لال ، دودومهر۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو. مظاهرين مختيارڪار خانڳڙهه شبيرڪلهوڙو هٽايو جا نعرا هنيا. مظاهرين چيو ته پهرين رمضان شريف جي ڏهاڙي اسان کي مارڪيٽ ڪاميٽي وارن عام واهپي جي شين جي اگهن جون لسٽون جاري ناهن ڪيون ان کان اڳ ئي مختيارڪار خانڳڙهه اسان دڪاندارن کان زبردستي في دڪان تان ٻه هزار روپيا ڏنڊ وصول ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. ڏنڊ جي رقم نه ڏيڻ تي مختيارڪار شبيرڪلهوڙو هندو نوجوان ڌنيش ڪمار کيماڻي مٿان وحشياڻو تشدد ڪيو. مظاهرين مطالبو ڪيو ته فوري طور مختيارڪار خانڳڙهه شبيرڪلهوڙو کي هٽايو وڃي دڪاندارن سان ناجائزيون بند ڪيون وڃن هوڏانهن ايس ايڇ او خانپورمهر ذوالفقارمهر ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو