انڊيا ۾ ٽئين مرحلي جي ووٽنگ مڪمل، ڪشمير ۾ ٽرن آئوٽ گهٽ

نئين دلي(م ڊ) ڀارت ۾ لوڪ سڀ جي 543 سيٽن لاءِ اڱاري کان ٽئين مرحلي جو چونڊ عمل مڪمل ٿي ويو آهي. جنهن دوران 13 رياستن ۽ 2 يونين جي 117 سيٽن لاءِ پولنگ ٿي. حڪمران بي جي پي جي صدر اميت شاهه ۽ وزيراعظم نريندر مودي گجرات ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيا. بالي ووڊ هيرو سني ديول بي جي پي جوائن ڪئي آهي ۽ گرداسپور مان چونڊ وڙهي. مودي اڳ ۾ والده سان مليو جنهن بعد کلي جيپ ۾ هزارين حامين سان پولنگ اسٽيشن پهتو. ٽئين مرحلي ۾ 18 ڪروڙ 80 لک ووٽر پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪندا. اپوزيشن جماعت ڪانگريس جو صدر راهول گانڌي ڪيرالا مان چونڊ وڙهي پيو جنهن لاءِ به پولنگ جاري آهي. اليڪشن ڪميشن مذهبي ۽ ذات پات جي بنياد تي ماڻهن کي اڪسائڻ تي پابندي هنئي آهي، مايا وتي يوگي ادياناٿ کي سزائون به ڏنيون آهن. ڀارت ۾ هلندڙ 7 مرحلن واري عام چونڊ 19 مئي تي ختم ٿيندي ۽ 23 مئي تي ووٽن جي ڳڻپ شروع ٿيندي. ياد رهي ته پهرين مرحلي ۾ ڀارت جي 20 رياستن جي 91 سيٽن ۽ ٻئي مرحلي ۾ 12 رياستن جي 95 سيٽن لاءِ پولنگ مڪمل ٿي چڪي آهي. اڄ ٽئين مرحلي جي پولنگ بعد ڀارت جي 543 لوڪ سڀا جي ڪل سيٽن جي اڌ کان وڌيڪ سيٽن لاءِ چونڊ عمل مڪمل ٿي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو