ممبي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي رياست اتراڪنڊ ۾ پوليس گھوڙي کي تماڪ ڇڪڻ تي مجبور ڪندڙ شخص خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته 2 ماڻهو زبردستي گهوڙي جي نڪ ۽ وات کي بند ڪري سگريٽ ڇڪي رهيا آهن ته جيئن سگريٽ جو دونهون گهوڙي جي وات ۾ داخل ٿي سگهي.ڀارتي ميڊيا موجب ٻنهي ڄڻن اهو هڪ ڀيرو نه پر ڪيترائي ڀيرا ڪيو.ڀارتي ميڊيا موجب وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ پوليس ڪارروائي ڪندي گهوڙي کي زبردستي سگريٽ پلائڻ واري شخص خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب ٻنهي ماڻهن جي اهڙي عمل جو سبب في الحال سامهون ناهي آيو. بالي ووڊ اداڪارا روينا ٽنڊن به واقعي تي ناراضگي ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ٻنهي ماڻهن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي. ان کان علاوه ڀارت ۾ ماڻهو وڊيو ۾ نظر ايندڙ ٻن ماڻهن تي سخت تنقيد ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيا آهن.
